خوف ڍنڍ

خوف ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ تعلقي سڪرنڊ، ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ ڳوٺ ماڙي جلباڻيءَ جي ڏکڻ ۾ درياهه جي بند ڀرسان، ٻيلي ۾ آهي. هيءَ ڍنڍ مال جي پيئڻ واسطي ڪم اچي ٿي. روايت موجب هن ڍنڍ ۾ ماضيءَ ۾ وڏو پاڻي هوندو هو ۽ ان ۾ لهندي ماڻهن توڙي مال کي خوف ٿيندو هو، جنهن بعد هن ڍنڍ تي اهو نالو پيو. درياهه ۾ پاڻي گهٽجڻ بعد هن ڍنڍ ۾ به پاڻي گهٽجي ويو، هينئر هن ڍنڍ جو وڃي نالو بچيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو